چَوپَڙ/ چؤپڻ

چَوپَڙ/ چؤپڻ

چَوپَڙ/ چؤپڻ

چَوپَڙ/ چؤپڻ (راند): هيءَ ليڪن واري راند ۾ شامل آهي، پر هن جا ليڪا ڪنهن ڪپڙي تي سُٽ يا پَٽ سان ڀرت ڀريل هوندا آهن. هن جو ڪپڙو چؤڪنڊو ٿئي. هيءَ راند ٻه ڄڻا مخالف ٿي يا چار ڄڻا، ٻه ٻه همراهه ٿي کيڏندا آهن. ڌڪ هڻڻ لاءِ ست سچليون ڪوڏيون ڪم آڻيندا آهن. ڪي ته ڍارن سان به راند ڪندا آهن، چوپڻ جي هر هڪ پلاند تي ڇويهه خانا ٿين ٿا، اهڙيءَ ريت جملي پلاندن وارا ڇهانوي خانا ٿين ۽ ستانويئون وچ وارو خانو يا ’ٻَري‘ هوندو آهي، جنهن ۾ ساريون اچي رَچنديون آهن يا ٻريءَ ۾ وجهي رکبيون آهن. هر هڪ پلاند تي ڪَني کان پنجين ۽ چوٽيءَ کان ٽين خاني کي منڌيئڙو ڪڍي چيلهو بنائيندا آهن. اهڙو هڪ منڌيئڙو وچين خاني جي پٽي ۾ به ڪڍبو آهي، جو ساريءَ جي مارجڻ کان بچاءَ لاءِ ڪم ڪو نه اچي، پر سونهن لاءِ ڀرت ڀري ڇڏيندا آهن. هر هڪ کيڏاري ٻاهرين چيلن تي ڪوڏيون رکندو، جي ٻه ڄڻا هوندا ته اَٺَ اَٺَ ڪوڏيون ورڇي کڻندا. چؤپڻ جا ڳوٽ جنڊيءَ چڙهيل ڪارا، پيلا، ساوا، ڳاڙها ۽ واڱڻائي رنگن جا ٿيندا آهن. انهن اَٺن ڪوڏين/ سارين مان چئن ساڳئي رنگ وارين کي چون ’رنگ‘ ۽ ٻين چئن ٻئي رنگ وارين ڪوڏين کي چون: ’بَدُ‘. پهريائين رنگ واريون ساريون هلائي رَچائي، پوءِ بَدُ هلائين، پر چئن ڄڻن ۾ هرڪو پنهنجون پنهنجون ساريون هلائيندو آهي. هر هڪ رانديگر جي هر هڪ ساري داءُ پوڻ سان چيلي مان ٻاهر نڪري هلندي، داوَ هي آهن: ست ئي ڪوڏيون سنئين پيٽ ڀر پيون ته انهن کي ’چوڏهن‘ چون، جي ڇهه سنئيون پيٽ ڀر پيون ته ان کي ’پڪي اَٺ‘ يا رڳو ’پڪي‘ ڪوٺين، جي پنج ڪوڏيون پيٽ ڀر پون ته ان کي ’ڪچي‘ ڪوٺين، جي هڪ ڪوڏي سنئين پيٽ ڀر پوي ته ان کي ’يارهن‘ سڏين، پر جي ست ئي اونڌيون پٺيءَ ڀر پون ته ان کي ’ست‘ چون. ان لاءِ ڪي رانديگر ست خانا هلن ۽ ست ڪارڪن، ڪي ’ست‘ کي رد ڪن، جي ست پوي ته اڳيان جيڪي داوَ پيا هوندا سي به ڇُٽا ۽ ٻيو ڄڻو وارو وٺندو. ’چوڏهن‘ لاءِ چوڏنهن خانا هلبا ۽ هڪ خانو رعايتي وڌيڪ يعني پئون پوڻ جو. ’يارنهن‘ لاءِ يارنهن خانا هلبا ۽ هڪ خانو رعايتي وڌيڪ پئون پوڻ جو، ’ڪچي اَٺ‘ لاءِ ڇويهه خانا هلبا ۽ هڪ خانو رعايتي وڌيڪ يعني پئون پوڻ جو، ’پڪي اَٺ‘ لاءِ ٽيهه خانا هلبا ۽ هڪ خانو رعايتي وڌيڪ يعني پئون پوڻ جو. جي ٽي ڪوڏيون پيٽ ڀر پيون ته ٽي داڻا ڳڻبا، جي ٻه ڪوڏيون پيٽ ڀر پيون ته ٻه داڻا شمار ٿيندا، پر جي چار ڪوڏيون پيٽ ڀر پيون ته چار داڻا شمار ٿيندا. هڪ داڻي خاطر داءُ يعني پئون وجهڻو پوندو. جي ڳڻپ چيلي کان سواءِ ڪنهن خاني تي پوري ٿي ۽ اتي ڪنهن مخالف جي ساري ويٺل آهي ته اها مُئي ۽ اها ساري اتان کڻي رانديگر پاڻ وٽ رکندو. ٻيو رانديگر داءُ وجهي ڇڏائيندو، نه ته ٻاهر پئي هوندي. جيڪڏهن ڪنهن جون چار ساريون چئن ڄڻن ۾، ۽ ٻن ڄڻن ۾ چار ساريون رنگ جون مري ويون ۽ داءُ وجهي ڪا به ڇڏائي نه سگهيو ته ان کي ’چرخو‘ آيو. چرخي ۾ چوڏهن لنڊ شمار ڪن، ۽ اُٿي بيهي ڇيڄ هڻن ۽ چون:
’چوڏنهن لنڊي، ڪپهه پنڊي‘
هن راند ۾ ٽوڙهه ڪرڻ يعني مخالف جي ڪا به هڪ ڪوڏي مارڻ کان سواءِ ساري رَچائي نه سگهبي. جي اهڙو داءُ پيو جو ٽوڙهه نه ڪيل اٿس ته ساري رَچڻ واري خاني جي مهندان باقي هڪ خاني ۾ پيل آهي ته اها ساري ’ٻُڏي‘، يعني نه رَچندي نه پوئتي هٽي سگهندي، پر جي ٽوڙهه ڪيل اٿس ته اها ساري اُبتي هلي سڄو اُبتو ڦيرو کائي، پوءِ اچي رَچندي. ڪنهن به خاني ۾ ٻن همراهن جون ٻه ساريون يا هڪڙي ئي رانديگر جو ٻه ساريون يعني جوڙو گڏ ويٺل آهي ته اهو جوڙو مري ڪين سگهندو، رانديگر، خانو ڳڻي اڳتي هليو ويندو يا انهن سان گڏي ساري ويهاري ڇڏيندو، ٻن همراهن مان جي هڪڙو اڳواٽ رَچي ويو ته پنج وارا ڇڏي،ڇهين واري تي ڌڪ هڻي همراهه جون ساريون هلائي وڃي رَچائيندو. يعني ٻنهي جي ڌڪن تي ساريون پيون چرنديون. جي اول کان آخر تائين ڪنهن جو داءُ نه پيو ۽ ٻي ڌُر ساريون رَچائي ڇڏيون ته ان رانديگر کي ’ٻڌڙي‘ اچي ويئي. ’ٻڌڙيءَ جا ٻارنهن شمار ڪن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو